بجلي بلن تي واڌو ٽيڪسن جي درخواستن جي سڀني ڌرين کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بجلي بلن تي واڌو ٽيڪسن جي درخواستن تي وفاقي حڪومت سميت سڀني ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ بجلي بلن ۾ ٽيڪسن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته درخواستگذار ادارن تي رجسٽريشن جو قانون لاڳو ناهي ٿيندو پر رجسٽريشن نه ڪرائيندڙ ادارن تي لاڳو ٿيندو آهي، جي ايس ٽي اسان جا ادارا اڳ ئي ادا ڪري رهيا آهن.
جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته اڌ ٽيڪس ڏيڻو آهي اڌ نه عجيب ڳالهه آهي، يا ته توهان چئو اسان تي ڪو به ٽيڪس ناهي لڳندو.
عدالت درخواستن تي وفاقي حڪومت سميت سڀني ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.