چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي شرڪت حڪومتي اجازت سان مشروط

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ سال پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي خطري ۾ پئجي وئي آهي ڇو ته آءِ سي سي ڀارتي ٽيم کي ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي ذريعن موجب، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل بي سي سي آءِ کي ڀارتي حڪومت جي پاليسين خلاف قدم کڻڻ جو نه چوندي.
ويجهڙائي وارن سالن ۾ انگلينڊ، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪري چڪيون آهن، جنهن کانپوءِ بي سي سي آءِ تي دٻاءُ هوندو ته هو ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان جي دوري لاءِ مجبور ڪري.
آءِ سي سي جي گورننگ باڊي جي ايگزيڪٽيو بورڊ جي هڪ ميمبر پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته ايندڙ سال پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني لاءِ هڪ هائبرڊ ماڊل جو آپشن موجود آهي ڇو ته جيڪڏهن ڀارتي حڪومت جي پاليسي آهي ته آءِ سي سي ڀارت جي شرڪت جو فيصلو نٿو ڪري سگهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين چونڊيل چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته هو بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه سان ۽ آءِ سي سي جي اعليٰ اختيارين سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو.
ذريعن موجب، بي سي سي آءِ پاران چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ بابت فيصلو ٽورنامنيٽ کان ڪجهه مهينا اڳ ڪيو ويندو.
پر ان سان گڏوگڏ اِهو به چيو پيو وڃي ته گڏيل عرب رياستن ( يو اَي ايِ) امڪاني ڀارت جي ميچن جي ميزباني ڪري سگهي ٿو يعني ڀارت چيمپئنز ٽرافي جون پنهنجون سموريون ميچون اتي کيڏندو.
ذريعن موجب، آءِ سي سي ميمبر بورڊ جي اجلاسن ۾ بحث لاءِ خدشا ظاهر ڪري سگهن ٿا ۽ ان کانپوءِ ان تي ووٽنگ ٿيندي، پر جيڪڏهن ڪنهن ميمبر ملڪ جي حڪومت جي پاليسي آهي ته سندن ٽيم نٿي کيڏي سگهي ته آءِ سي سي کي متبادل حل ڳولڻو ڪرڻو پوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جو موقف آهي ته هو ميمبر ملڪن مان پنهنجي ئي حڪومت طرفان جاري ڪيل پاليسي يا هدايتن جي ابتڙ فيصلي جي اميد ناهي رکندو .
ٻئي پاسي بي سي سي آءِ جي هڪ اڳوڻي عهديدار چيو ته اِهو نه وسارڻ گهرجي تي آسٽريليا، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ڀيٽ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ خطرو سدائين سوايو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.