ورزش جي متبادل دوا جي تياري ۾ اهم اڳڀرائي

جسماني صحت لاءِ ورزش کي اهم قرار ڏنو ويندو آهي پر هر فرد لاءِ ورزش خاطر وقت ڪڍڻ آسان ناهي هوندو، جڏهن ته سائنسدانن هڪ اهڙي دوا جي تياري ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، جيڪا ماڻهن لاءِ ورزش جي ضرورت ئي ختم ڪري ڇڏيندي.
سائنسدانن اهڙا ڪيميائي مرڪب دريافت ڪيا آهن، جن سان صحت کي ورزش جهڙا ئي فائدا ٿي سگهن ٿا، انهن ڪيميائي مرڪبن تي ٻڌل دوا جي استعمال سان ميٽابولزم ۽ مسلز جي خلين تي اهي ئي اثر پوندا، جيڪي ورزش ڪرڻ سان پوندا آهن.
آمريڪا جي واشنگٽن يونيورسٽي جي ماهرن موجب ان دوا سان انهن ماڻهن کي فائدو ٿيندو، جيڪي مختلف مرضن سبب ورزش ناهن ڪري سگهندا، جن جا مسلز ڪمزور ٿي ويندا آهن.
واضح رهي ته ورزش سان مسلز ۾ مخصوص پروٽينز متحرڪ ٿيڻ سان ميٽوبولڪ تبديليون اينديون آهن ۽ محققن انهن تبديلين کي ڏسي ئي مرڪب تيار ڪيا آهن.
محققن انهن مرڪبن کي گوري جي شڪل ڏئي ان دوا جو نالو 332-SLU-PP رکيو، جيڪا سڀني پروٽينز کي متحرڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
ان دوا جا تجربا في الحال ڪوئن تي ڪيا ويا آهن ۽ نتيجن سان خبر پئي ته انهن جي مسلز جا افعال بهتر ٿي ويا.
وڌيڪ تحقيق سان سائنسدانن اهڙا نوان مرڪب به تيار ڪيا، جيڪي 332-SLU-PP کان به وڌيڪ ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته نقصان به گهٽ ٿيندو آهي پر اڃا انهن مرڪبن جي آزمائش ناهي ڪئي وئي.
محققن موجب 332-SLU-PP ۽ ٻين مرڪبن کي گردن جي مرضن، هارٽ فيليئر، ٿولهه يا ٻين بيمارين سان وڙهڻ لاءِ به امڪاني طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
پر سندن چوڻ هو ته اسان اهو نٿا چئي سگهون ته ماڻهو ورزش ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ هڪ جاءِ تي ويهي رڳو دوا جو استعمال ڪن.
ان تحقيق جا نتيجا آمريڪي ڪيميڪل سوسائٽي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي پيش ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.