پاڪ – ايران گئس پائپ لائن پاڪستان لاءِ اهم منصوبو آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغدام ملاقات ڪئي آهي.
ايراني سفير سردار اياز صادق کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جنهن تي قومي اسيمبلي اسپيڪر سندس ٿورا مڃيا.
ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اياز صادق چيو ته پاڪستان – ايران سان ڀائراڻن، دوستاڻن ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻئي ڀائر ملڪ مذهب، ڀائيچاري، ثقافت ۽ تاريخي رشتن ۾ واڳيل آهن.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، پارلياماني رابطا ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪ – ايران گئس پائپ لائن پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو اهم منصوبو آهي، اقتصادي سهڪار وڌائڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
ايراني سفير چيو ته ايران پاڪستان سان دوستاڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ ايران هڪ ٻئي سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي مختلف شعبن ۾ موجود موقعن مان ڀرپور فائدو وٺي سگهن ٿا، ايراني حڪومت پاڪستان سان اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهشمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.