پي ٽي آءِ ڀارت سان گڏجي پاڪ فوج خلاف مهم هلائي رهي آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف شهيدن جي توهين واري مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته گذريل ڏينهن ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، جن ملڪي سلامتي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.
هن چيو ته گذريل ڏينهن ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ انهن شهيدن جي حوالي سان هڪ سياسي پارٽي توهين جوڳي مهم هلائي، مان ان جي مذمت ڪريان ٿو.
سندس چوڻ هو ته گذريل رات انهن شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ ماضي جيان سوشل ميڊيا تي انهن شهيدن جي قربانين تي تنقيد ڪئي وئي، مان ثبوتن ذريعي ٻڌائيندس ته تحريڪ انصاف جي ٽيم انهن اڪائونٽس ذريعي بدنامي واري مهم هلائي، هي ملڪ آهي ته سياست آهي، هي ملڪ سڀ کان پهريان آهي.
وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ڀارت سان گڏجي پاڪ فوج جو مذاق اڏائي رهي آهي، پاڪ فوج اسان جي بقا جي ضمانت آهي، ڪجهه لائنز ڪراس نه ڪرڻ گهرجن ۽ ائين ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.