ڪِريل سياسي مقصدن لاءِ شهيدن جي بي حرمتي ڪندڙ حقيقي ڏوهي آهن: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ترجمان چيو آهي ته شهيد اسان جا هيروز ۽ ڪنهن سياسي ۽ گروهي ورهاست بنا قوم جو گڏيل اثاثو آهن.
پي ٽي آءِ ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته وطن جي دفاع جو فرض انجام ڏيندڙ شهادت ماڻيندڙ شهيدن جي پنهنجا ڪِريل سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ بي حرمتي ڪندڙ حقيقي ڏوهي آهن.
ترجمان چيو ته فوج ۽ ان جي شهيدن تي حملا نواز شريف ۽ سندس پوئلڳن جي روايت رهي آهي، خواجا آصف ۽ عطا تارڙ به ڏوهي آهن، جن کي عوام رد ڪري ڇڏيو پر مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي کين ايوان ۾ پهچايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.