سنڌ حڪومت جو 20 مارچ کان ڪڻڪ خريداري جو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪڻڪ خريداري جو عمل 20 مارچ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
خوراڪ واري وزير ڄام خان شورو موجب سنڌ حڪومت ڪڻڪ خريداري جو عمل 20 مارچ کان شروع ڪندي، سڄي صوبي ۾ 353 ڪڻڪ خريداري مرڪز قائم ڪيا ويندا.
هن چيو ته خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ مڪمل قدم کنيا ويا آهن، سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار روپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 9 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.