سڪرنڊ/ صابو راهو(نمائندن وٽان) سڪرنڊ ويجهو کڏهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادر بخش مگسي ۾ رستي جي معاملي تان مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو عبدالغفور پٽ حاجي جمعو مگسي موقعي تي مارجي ويو، ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ صدام حسين ، عبدالوهاب، محمد يوسف، غلام نبي ۽ ٻيا شامل آهن، مقتول جو لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ديدار مگسي جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي وارث عبدالوهاب، عبدالرحمان، غلام نبي ميڊيا کي ٻڌايو ته زمين جي رستي جي معاملي تان اسان جو تڪرار هلندڙ هو، شيرل مگسي، ميرل مگسي، خالد مگسي، الهه بخش مگسي وارن رستو ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي منع ڪرڻ تي مٿين جوابدارن حملو ڪري ڏنو، اسان جا 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، کڏهر پوليس جي ايس ايڇ او منور چانڊيو ٻڌايو ته رستي جي مامري تان جهيڙو ٿيو آهي واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره اڃا داخل نه ڪرايو ويو آهي. وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪري گرفتاري عمل آندي ويندي. جڏهن ته ٻئي ڌر جو هڪ ڄڻو سبحان مگسي زخمي ٿيو آهي جڏهن ته ڪجهه ٻيا معمولي زخمي آهن.