عمر وڌڻ سان دماغ کي جوان ڪيئن رکجي؟

پوڙهائپ ڏانهن سفر جي رفتار سست ۽ ڊيمينشيا جهڙي مرض کان بچڻ چاهيو ٿا ته صحت لاءِ سٺي خوراڪ جو استعمال عادت بڻايو.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ رابرٽ بٽلر ڪولمبيا ايجنگ سينٽر جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اسان جي خوراڪ عمر ۾ واڌ سان جسم تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان مک ڪردار ادا ڪندي آهي.
ان تحقيق ۾ 1644 ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي جن جو هر سال بعد طبي معائنو ڪيو ويندو هو، هنن کان سندن طرز زندگي بابت سوال نامه ڀرايا ويا ۽ رت جا نمونا به ورتا ويا هئا.
سندن حياتياتي عمر جي رفتار جو به جائزو ورتو ويو جڏهن ته تحقيق دوران 140 ماڻهن ۾ ڊيمينشيا ظاهر ٿيو.
واضح رهي ته هونئن ته هر فرد جي عمر جو تعين ڄم جي تاريخ (ڪرانيڪل ايج) سان ڪيو ويندو آهي پر طبي لحاظ کان حياتياتي عمر (بائيولوجيڪل ايج) به هوندي آهي جيڪا جسمان ۽ ذهني فعلن جي عمر موجب هوندي آهي.
جينز، طرز زندگي ۽ ٻيا عنصر ان حياتياتي عمر تي اثر وجهندا آهن ۽ اها عمر جيتري وڌيڪ هوندي مختلف مرضن جو خطرو به اوترو ئي وڌي ويندو.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته صحت لاءِ بهترين خوراڪ سان ڊيمينشيا جهڙي مرض کان تحفظ ملندو آهي.
محققن موجب اها ڳالهه ته اڳ کان خبر هئي پر ان جي پٺيان لڪيل ميڪنزم بابت خبر نه هئي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته صحت بخش خوراڪ جي استعمال سان عمر وڌڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڊيمينشيا ۽ موت جو خطرو به گھٽجي ويندو آهي.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته خوراڪ ۽ ڊيمينشيا جي خطري ۾ گھٽتائي وچ ۾ واسطو آهي جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته حياتياتي عمر جي رفتار کي سست ڪرڻ سان ڊيمينشيا جو خطرو گھٽجي ويندو آهي.
سندن چوڻ هو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن غذائي جُز ۽ دماغي عمر وچ ۾ واسطي جي وضاحت ڪري سگھجي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل Annals of Neurology ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.