مٿي تي وار ڇو هوندا آهن؟

وار ته سڀني کي پيارا هوندا آهن ۽ جڏهن اهي ڇڻڻ لڳندا آهن ته پريشاني به گھڻي ٿيندي آهي.
پر سوال اهو آهي ته آخر اسان جي مٿي تي وار ڇو هوندا آهن ۽ انهن جو ڪهڙو فائدو آهي؟
جانورن جي جسم تي ته گھڻا وار هوندا آهن جيڪي انهن کي رات جو ٿڌ ۽ ڏينهن جو سج جي تپش کان تحفظ فراهم ڪندا آهن، پر انسانن ۾ وار رڳو مٿي تي ئي نظر ايندا آهن.
سائنسدانن جو مڃڻ آهي ته آڳاٽي زماني ۾ انسانن جي جسم تي به تمام گھڻا وار هوندا هئا پر باهه جي استعمال، گھرن ۾ رهڻ ۽ لباس پهرڻ جي ڪري جسماني وار جيئن جو تيئن گم ٿي ويا.
پر مٿي تي وارن جي موجودگي اسان لاءِ گھڻي اهم آهي.
اسان 2 ڄنگهن تي گھمندا آهيون ۽ سج جي روشني سڌي ريت اسان جي مٿي تي پوندي آهي ۽ جيڪڏهن مٿي تي وار نه هجن ها ته اسان لاءِ گرمي برداشت ڪرڻ ممڪن نه هجي ها.
ماهرن موجب وار حقيقت ۾ اسان جي مٿي تي ٽوپيءَ جو ڪم ڪندا آهن.
ماهرن ٻڌايو ته وارن سان رات جو اسان جي مٿي جو پارو مستحڪم رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.
سندن چوڻ آهي ته جسم جي ڀيٽ جي اسان جو دماغ ننڍو ضرور هوندو آهي پر اُهو تمام گھڻو متحرڪ هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گرمائش پيدا ٿيندي آهي پر مٿي جا وار گرمائش کي هڪ هنڌ تائين محدود رکڻ کان روڪيندا آهن.
وارن سانب مٿي کي ڌڪ کان بچڻ ۾ به مدد ملندي آهي يعني ڪنهن شيءِ سان مٿو ٽڪرائجي سان لڳندڙ ڌڪ جي شدت وارن جي ڪري ڪنهن حد تائين گھٽجي ويندي آهي.
ماهرن وڌيڪ ٻڌايو ته وارن گھڻو ڪري مخالف جنس کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.