”غزا بابت ٺهراءَ خلاف اسرائيلي فنڊنگ سان قائم پي ٽي آءِ کليل نموني سامهون آئي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ پارليامينٽيرينز جي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته غزا جي حوالي سان ٺهراءَ تي سني اتحاد ڪائونسل جا ”نو نو“ نعرا شرمناڪ آهن.
پنهنجي بيان ۾ شازيا مري چيو ته پي ٽي آءِ جي ناڪاري سوچ وائکي ٿي رهي آهي، غزا جي حوالي سان ٺهراءَ تي سني اتحاد ڪائونسل جا ”نو نو“ نعرا شرمناڪ آهن.
هن چيو ته پي ٽي آءِ هجي يا سني اتحاد ڪائونسل، غزا جي مسئلي تي سڀني کي سنجيده هجڻ گهرجي، سڀ ڄاڻون ٿا ته پي ٽي آءِ جي بنياد ۾ اسرائيلي فنڊنگ آهي.
سندس چوڻ هو ته غزا ۾ نشل ڪشي بابت ٺهراءَ خلاف پي ٽي آءِ کليل نموني سامهون آئي، پي ٽي آءِ شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل بابت ٺهراءَ جي به مخالفت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.