پاڪستان ۾ ٽه ملڪي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، ڪهڙيون ٽيمون حصو وٺنديون؟

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ سال فيبروريءَ ۾ پاڪستان ۾ ٽه ملڪي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿيندي جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون شرڪت ڪنديون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي دبئي ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين لاسن نيڊوو ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين راجر ٽوس سان ملاقات ٿي.
ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ سال فيبروري ۾ ٽه ملڪي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کي حتمي شڪل ڏني وئي، مهمان ٽيمون جنوري جي آخر ۾ پاڪستان پهچنديون.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪيئي ورهين کانپوءِ ٽه ملڪي سيريز ٿيندي، ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ حامي ڀرڻ تي هو ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊز جي سربراهن جو ٿورائتو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پي سي بي جي ڪوششن سان ئي چيمپيئنز ٽرافي به آءِ سي سي جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي فيبروري 2025 ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ قومي ٽيم پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.