صدر آصف زرداري جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ڀٽو خاندان جي قبرن تي حاضري لاءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتو، جتي هن ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي ٻين ماڻهن جي قبرن تي حاضري ڏني.
آصف زرداري آئيني عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتو، هن ڀٽو خاندان جي مزارن تي گل نڇاور ڪيا، فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهري.
ان موقعي تي وڏو وزير مراد علي شاهه به ساڻس گڏ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.