ڀارتي اداڪارا وهاج علي جي محبت ۾ گرفتار، دلچسپ انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي خوبرو اداڪارا ريم شيخ مداحن کي ٻڌائي ڇڏيو ته کيس مشهور پاڪستاني اداڪار وهاج علي سان محبت ڪڏهن ٿي.
سال 2023ع ۾ نجي چئنل تي وهاج علي ۽ يمنيٰ زيديءَ جو بلاڪ بسٽر ڊرامو ” تيري بن “ نشر ٿيو جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت سميت سموري دنيا ۾ مشهور ٿيو، ان ڊرامي کانپوءِ ڀارت ۾ وهاج علي ۽ يمنيٰ زيدي جي مداحن جو انگ وڌي ويو آهي.
درامي ۾ وهاج علي مرتسم جو ڪردار ادا ڪيو هو سندس ڪردار سبب نه رڳو پاڪستاني ۽ ڀارتي ناريون دِل هاري ويٺيون پر ڀارتي اداڪارا ريم شيخ به وهاج علي جي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي.
تازو ئي ريم شيخ پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل تي مداحن لاءِ سوالن جواب جو هڪ سيشن رکيو جنهن ۾ هڪ مداح سوال ڪيو ته اوهان جڏهن وهاج کي ڏٺو ته پهريون تاثر ڪهڙو جڙيو ۽ اوهان ڀيرو سندس ڪهڙو ڊرامو ڏٺو هو؟
مداح جي سوال جو جواب ڏيندي ريم شيخ چيو ته هوءَ مذاق ناهي ڪري رهي پر کيس وهاج علي سان پهرين نظر ۾ ئي محبت ٿي وئي هو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ريم شيخ ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته هوءَ وهاج علي سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿي ۽ ساڻس ملاقات ڪرڻ هن جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خواهش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.