وزيراعظم آمريڪا سامهون ڊاڪٽر عافيا جو معاملو اٿاري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي.
وزيراعظم آفيس جي پڌرائي موجب ملاقات ۾ ٻه طرفن ۽ علائقائي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته غزا جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ اڳڀرائي تي به ڳالهايو ويو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي سفير سان ڊاڪٽر عافيا جو معاملو به ڀرپور طريقي سان اٿاريو.
هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته حڪومت معيشت مستحڪم ڪرڻ لاءِ ميڪرو اڪنامڪ سڌارن تي ڌيان ڏيندي.
ملاقات ۾ آمريڪي سفير ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي شهباز شريف کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته آمريڪا پاڪستان کي هڪ اهم پارٽنر سمجهي ٿو.
هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪيون ٿا.
هوڏانهن آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان موجب پاڪستان حڪومت سان ڀائيواري ۽ خطي جي سيڪيورٽي اصورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ذريعي مسلسل اقتصادي سڌارن لاءِ آمريڪي حمايت تي به گفتگو ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.