ٽيوشن پڙهائي ۽ فيڪٽري ۾ نوڪري ڪري گهر هلايو، همايون سعيد جا انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ پرڊيوسر همايون سعيد انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هن اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکڻ کان اڳ ٽيوشن پڙهائي ۽ فيڪٽري نوڪري ڪري گهرن وارن جي ذميواري پنهنجي ڪلهن تي کنئي.
ويجهڙ ۾ همايون سعيد مشهور ميزبان ندا ياسر جي شو ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪيريئر لاهن چاڙهن سميت ذاتي زندگي بابت ويچار ونڊيا.
شو دوران همايون سعيد چيو ته هو ننڍپڻ ۾ ڏاڍو شرميلو ۽ پڙهائي ۾ ڀڙ هو، والد صاحب پڙهائي واري معاملي ۾ سخت هو کائنس ڊپ ٿيندو هو جنهنڪري پڙهائي تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو هئس.
همايون سعيد چيو ته ميٽرڪ کانپوءِ مٿس گهر جي ذميواري اچي وئي هئي ڇو ته ننڍو ڀاءَ هڪ حادثي ۾ معذور ٿي ويو هو، مان ڏينهن جو ٽيوشن پڙهائيندو هئس ۽ رات جو فيڪٽري ۾ نوڪري ڪندو هئس.
هن چيو ته سڄي رات فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هئس ڇو ته پئسن جي ضرورت هئي، ڏاڍي محنت ڪئي ۽ نوجواني ۾ ئي منهنجي پگهار ٻين ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ سٺي هوندي هئي، پنهنجي محنت سان گاڏيون به ورتيون.
سندس چوڻ هو ته جواني ۾ جيڪا محنت ڪئي، ان کانپوءِ هر ڪم سولو لڳندو آهي، مان محنت ڪرڻ کان ناهيان ڪيٻائيندو ۽ ماڻهو اڪثر چوندا آهن ته اوهان ڪڏهن اسٽار جيان ماڻا ناهيو ڪندا، اوهان ۾ تڪبر ناهي، جنهن تي مان چوندو آهيان ته پاڻ کي عام انسان سمجهندو آهيان اِهو ئي ڪاميابي جو راز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.