اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ناڪاري رجحان، انڊيڪس ۾ 247 پوائنٽن جي گهٽتائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن رهيو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 247 پوائنٽون گهٽجي 64 هزار 816 تي بند ٿيو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 594 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، انڊيڪس جي گهٽ ترين سطح 64 هزار 759 رهي.
بازار ۾ اڄ 25 ڪروڙ 93 لک شيئرز جا سودا 10 ارب 12 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 44 ارب رپيا گهٽجي 9 هزار 202 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.