مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل واڌ، رمضان جي پهرئين هفتي 18 شين جا اگهه وڌي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جي پهرئين هفتي دوران مهانگائي ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب رمضان المبارڪ جي پهرئين هفتي دوران مهانگائي ۾ 1.35 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب گذريل هفتي 18 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، ڪيلا 22 سيڪڙو، ٽماٽا 22 سيڪڙو ۽ بيضا 7 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگا ٿيا.
ڳڻپ کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته بصر جو اگهه 6 سيڪڙو وڌيو، جڏهن ته ٿوم، ٻاڪرو گوشت، ڳائو گوشت ۽ ڪڪڙ جو گوشت به مهانگو ٿيو.
رپورٽ موجب مهانگائي جي سالياني شرح 32.89 سيڪڙو تائين پهچي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال ۾ ٿوم جي قيمت 60 سيڪڙو تائين وڌي، ٽماٽو 185 سيڪڙو، بصر 90 سيڪڙو، ڳڙ 41 سيڪڙو، کنڊ 37 سيڪڙو تائين مهانگي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.