اميتاڀ بچن جي طبعيت بگڙجي وئي، اسپتال داخل

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن کي طبعيت خراب ٿيڻ سبب ممبئي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪار کي جمعي جي ڏينهن اسپتال داخل ڪيو ويو جتي سندس انجيو پلاسٽي ٿي آهي.
اداڪار جي صحت ۽ بيماري بابت وڌيڪ تفصيل سامهون ناهن آيا جڏهن ته سموري دنيا ۾ موجود مداحن سندس صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته اميتاڀ بچن گذريل رات پنهنجي پٽ اڀيشيڪ بچن سان رياست مهاراشٽرا جي شهر ٿاني ۾ ڀارتي اسٽريٽ پريميئر ليگ ۾ شرڪت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.