يوٽيوب جو ٽي وي ايپ ۾ وڏي ڦيرڦار جو اعلان

جيڪڏهن اوهان ٽيليويزن ( ٽي وي ) ۾ يوٽيوب وڊيوز ڏسندا آهيو ته تمام جلد ان ۾ وڏي ڦيرڦار محسوس ڪندئو ڇو ته يوٽيوب طرفان ٽي وي ايپ کي ري ڊيزائن ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب، ايندڙ هفتن ۾ يوٽيوب ٽي وي ايپ کي ري ڊيزائن ڪري متعارف ڪرايو ويندو.
ان ڏس ۾ وڌيڪ تفصيل تي شيئر ناهن ڪيا ويا پر ڪمپني موجب نئين ڊيزائن سان واهپيدارن لاءِ ڪيئي نون تجربن جو در کُلي ويندا.
نئين يوٽيوب ٽي وي ايپ ۾ شاپنگ جو عمل وڌيڪ سولو بڻايو ويندو جڏهن ته وڊيو ڊسڪپرشن ۽ تبصرن تائين رسائي به کي آسان بڻايو ويندو.
ان کانسواءِ جڏهن ڊسڪرپشن ۽ ڪمينٽ فيڊ کي سليڪٽ ڪيو ويندو ته وڊيو جي سائز گهٽجي ويندي.
يوٽيوب موجب، واهپيدارن طرفان گهڻي قدر ننڍي وڊيو فيڊ ۽ ڪمنٽس کي ترجيح ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويندو آهي.
سرچ ۽ پلي نيڪسٽ فارميٽ ۾ ڪا ڦيرڦار ڪئي ويندي يا نه اِهو واضح ناهي ڪيو ويو، پر اوهان ڪنهن وڊيو ۾ موجود شين کي پنهنجي ريموٽ سان ذريعي ڪلڪ ڪري ضرور خريد ڪري سگهندئو، پر ان جو طريقيڪار به اڃا واضح ناهي ڪيو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.