ڀارت کانپوءِ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جو به ٽيسٽ ميچ فيس وڌائڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا ۽ انگلينڊ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ميچ فيس ۾ واڌ لاءِ آواز اُٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آسٽريلوي ۽ انگلش بورڊ طرفان دبئي ۾ جاري آءِ سي سي جي اجلاس ۾ٽيسٽ ميچ فيس وارو معاملو اُٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، آسٽريليا ۽ انگلينڊ سمورن ملڪن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽيسٽ فيس جي حد مقرر ڪرڻ جا خواهشمند آهن، گهٽ ۾ گهٽ ٽيسٽ فيس جي حد مقرر ڪرڻ جو مقصد ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ٽي ٽوئنٽي ليگز جي دور ۾ محفوظ بڻائڻ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آسٽريليا ٽيسٽ فيس جو بنچ مارڪ ويهه هزار آسٽريلوي ڊالرز رکيو آهي، بين القوامي بنچ مارڪ آسٽريليا جي ٽيسٽ فيس جي برابر ٿيڻ جي اميد ڪري رهيا آهن.
ڪرڪيٽ آسٽريليا فيس ۾ واڌ ٽي ٽوئنٽي ليگز جي موجودگيءَ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ڪئي آهي، آسٽريلوي ڪرڪيٽ جو خيال آهي ته ٽيسٽ فيس جي وڌ کان وڌ حد ڀارت جي ٽيسٽ فيس تائين هئڻ گهرجي جيڪا بي سي سي آءِ طرفان ويجهڙ ۾ مقرر ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ڀارت ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي بچائڻ لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ انسيٽنٽو اسڪيم متعارف ڪرائي آهي جنهن کانپوءِ ڀارت ۾ ٽيسٽ فيس 27 هزار ڊالرز تائين وڃي پهتي آهي.
ياد رهي ته ويسٽ انڊيز جي رانديگرن جو ٽيسٽ معاوضو تمام گهٽ آهي، شمر جوزف جهڙا رانديگر ڀارتي ليگ مان هڪ ملين ڊالرز کان وڌيڪ ڪمائي سگهن ٿا جڏهن ته ويسٽ انڊيز ۾ ٽيسٽ جو معاوضو پنج هزار آمريڪي ڊالرز آهي جيڪو سڀ کان گهٽ آهي.
ويسٽ انڊين ڪرڪيٽرن کي ريٽينرشپ هڪ کان ڏيڍ لک آمريڪي ڊالرز ملندي آهي جڏهن ته ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سراسري رٽينرشپ ڏهه لک ڊالرز سالياني آهي، ڪپتان پيٽ ڪمنز کي ٻه ملين ڊالرز معاوضو ملندو آهي، هو وڌيڪ هڪ ملين ڊالر ميچ ۽ ٽور فيس مان ڪمائيندو آهي.
ويسٽ انڊيز کي سال ۾ ڇهه ٽيسٽ ميچون ملنديون آهن ۽ آسٽريلوي ٽيم پندرنهن مهينن دوران ٻاويهه ٽيسٽ ميچون کيڏي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.