لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي طرفان تاريخ جي ڊگهي ترين مال گاڏي هلائي وئي.
ريلوي ترجمان موجب 2500 فوٽ ڊگهي مال گاڏي 50 دٻن تي ٻڌل آهي، جنهن کي انتهائي طاقتور انجڻ ذريعي هلايو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته مال گاڏي ڪراچي کان 3 هزار ٽن کان وڌيڪ مال لوڊ ڪري ڪوٽڙي کڻي وئي، ان دوران ٽرين 60 ڪلو ميٽر رفتار تائين وئي، جڏهن ته ان جي سراسري رفتار 38 ڪلو ميٽر رهي.
ترجمان موجب اها ٽرين 94 ٻاويهه وهيلر ٽرڪن کان وڌيڪ وزن کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان مال گاڏي سان روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءُ ۽ ماحولياتي گدلاڻ به گهٽ ٿيندو.
You might also like