ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، آءِ سي سي گروپ ۽ ناڪ آئوٽ اسٽيج بابت قانون واضح ڪري ڇڏيا

دبئي ( ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جي سيمي فائنلز ۽ فائنل لاءِ ريزرو ڊي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، مقرر ڏينهن تي ميچ مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ميچ لاءِ ريزرو ڊي هوندو
گروپ اسٽيج ۾ ميچ مڪمل ٿيڻ لاءِ ٻي اننگ ۾ بيٽنگ ڪندڙ ٽيم کي گهٽ ۾ گهٽ پنج اوورن کيڏڻا پوندا جڏهن ته ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ميچ مڪمل ٿيڻ لاءِ ٻي اننگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن اوورن جي راند لازمي هوندي.
پڌرائي موجب، آءِ سي سي اجلاس ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جي ڪواليفائرز جي به منظوري ڏني وئي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2026 ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ڪُل ويهه ٽيمون حصو وٺنديون، جنهن ۾ ٻارنهن ٽيمن سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪنديون، جڏهن ته سريلنڪا ۽ ڀارت گڏيل طور ميگا ايونٽ جي ميزباني ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.