پاڪستان مان غذائي جنسن جون برآمدون 4 ارب ڊالرن کان وڌي ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان غذائي جنسن جون برآمدون 4 ارب ڊالرن کان وڌي ويون.
پاڪستان جي فوڊ انڊسٽري نه رڳو ملڪي ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي پر ان 4 ارب ڊالرن جو ناڻو به ڪمايو آهي، برآمد ڪئي ويندڙ شين ۾ چانور، گوشت، ميوا ۽ ٻيون شيون شامل آهن.
صنعتڪارن جو چوڻ آهي ته بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌيڪ هجڻ سان پيدواري لاڳت وڌي وئي آهي، اگهه گهٽائي وڌيڪ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
برآمد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته فوڊ پراڊڪٽس جون برآمدون وڌائڻ لاءِ توانائي جا اگهه گهٽائڻ سان گڏ نيون مارڪيٽون به ڳولڻيون پونديون.
صنعتڪارن ۽ ايڪسپورٽرز جو چوڻ آهي ته حڪومت جيڪڏهن فوڊ انڊسٽري سان سهڪار ڪري ته ان سان نه رڳو ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر برآمدن ۾ واڌ سان ڊالر جي کوٽ به ختم ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.