آءِ ايم ايف، پي آءِ اي ۽ حڪومتي ادارن کي خانگائڻ جو پلان طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف ) پي آءِ اي ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن کي خانگائڻ بابت پلان طلب ڪري ورتو.
پي آءِ اي کي خانگائڻ بابت بئنڪن ۽ حڪومت وچ ۾ قرض ٽرم شيٽ تي آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني ويندي.
ذريعن موجب پي آءِ اي کي خانگائڻ لاءِ ڪمرشل بئنڪن کان 12 سيڪڙو تائين وياج تي ٽرم شيٽ معاهدو ٿيندو، ڪمرشل بئنڪن سان قرض ٽرم شيٽ معاهدو طئي ٿيڻ تي بئنڪن کان اين او سي ملندي.
آءِ ايم ايف کي ڊوميسٽڪ فناسنگ، حڪومتي گارنٽيز سميت هيلٿ ۽ ايجوڪيشن سيڪٽر جي خرچن تي بريفنگ ڏني ويندي.
پاڪستان جعلي ڪرنسي جي روڪٿام لاءِ پلاسٽڪ ڪرنسي آڻڻ جي رٿا تيار ڪري ڇڏي، پاڪستاني اختيارين طرفان جعلي ڪرنسي روڪڻ لاءِ نوان پلاسٽڪ نوٽ جاري ڪرڻ جي پلان بابت آءِ ايم ايف وفد کي بريف ڪيو ويندو.
وفد کي ايف بي آر سڌارن، ٽئڪس اوڳاڙي ۽ ٻين معاملن تي به بريفنگ ڏني ويندي، هلندڙ مالي سال دوران ٽئڪس اوڳاڙي ۾ گهٽتائي تي وڌيڪ فوري قدمن بابت به بريفنگ ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.