ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ رد ڪري چڪي آهي: صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو سنگين نوعيت جو رهيو آهي، پنجاب سدائين  ارسا جي هڪ هٽي جي ڪري سنڌو درياءَ جو پاڻي زوري چوري ڪندو رهيو آهي، سنڌ کي 1991ع واري پاڻي ٺاھ مطابق به پاڻي نٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته سنڌو درياھ مان واري پئي اُڏامي، درياھ ۾ پاڻي نه هجڻ سبب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڦڙو به ناهي، جنهن سبب ٺٽو، سجاول، بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته 1991 پاڻي ٺاھ مطابق سنڌو درياءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم ايف پاڻي ڇڏيو وڃي، هن چيو ته  جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جو ڪو به حمايتي ارسا چيئرمين مقرر ڪيو ويو ته سنڌ سخت احتجاج ڪندي، ڇاڪاڻ جو سنڌ گڏيل طور تي ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪري چڪي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.