ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ڪيتري آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت مستحڪم رهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب سون جي في تولي جي قيمت 2 لک 28 هزار 550 رپين تي برقرار آهي.
ايسوسي ايشن موجب 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 1 لک 95 هزار 945 روپين تي برقرار رهي.
ٻي پاسي عالمي بازار ۾ به سون جي قيمت 2168 ڊالر في اونس برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.