ڪروم واهپيدارن لاءِ سيڪيورٽي فيچر متعارف

گوگل پنهنجي ويب برائوزر ڪروم جي واهپيدارن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائي ڇڏيو آهي.
ان مقصد لاءِ گوگل ڪروم ۾ ريئل ٽائيم تحفظ جو اضافو ڪيو ويو آهي ته جيئن واهپيدارن جي پرائيويسي کي محفوظ رکي سگھجي.
اهو فيچر هاڻي ڪروم ۾ سيف برائوزنگ جي اسٽينڊرڊ موڊ تي دستياب آهي جنهن کي باءِ ڊيفالٽ برائوزر ۾ ان ايبل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ڪيترن ئي سالن کان سيف برائوزنگ فيچر پاڻ مرادو امڪاني طور تي غير محفوظ يو آر ايل يا ويب لنڪس کي اهڙي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيندو آهي جيڪا اوهان جي ڊوائيس ۾ محفوظ هوندي آهي.
جڏهن به ڪو واهپيدار ڪنهن ويب سائيٽ تي وزٽ ڪندو آهي ته گوگل پاران لسٽ ۾ ان يو آر ايل کي چيڪ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ وارننگ جاري ڪئي ويندي آهي.
پر مسئلو اهو آهي ته گوگل پاران ان ڊيٽا کي هر 30 کان 60 منٽن ۾ اپ ڊيٽ ڪيو ويندو آهي، جنهن سان ڪيتريون ئي غير محفوظ ويب سائيٽس کُلي وينديون آهن.
ان جي روڪٿام لاءِ ريئل ٽائيم پروٽيڪشن فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن غير محفوظ ويب لنڪس کي تيزي سان پڪڙي سگھجي ۽ واهپيدارن جي ڊيٽا کي تحفظ فراهم ڪري سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.