دنيا جي سڀ کان وڏي بلو بيري پوکڻ جو رڪارڊ قائم

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا دنيا جي سڀ کان وڏي بلو بيري پوکي نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي هڪ فارم دنيا جي سڀ کان وڏي بلو بيري پوکي آهي جيڪا ڪنهن بال جيتري آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب ان بلو بيري کي هلندڙ سال نومبر ۾ فارم مان پٽيو ويو هو جنهن کان پوءِ ان کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ فريزر ۾ محفوظ ڪيو ويو.
اها بلو بيري 4 سينٽي ميٽر ويڪري ۽ وزن ۾ 20.4 گرام يعني 10 بلو بيريز جيتري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.