عورتون ڊرامن کي ڊرامو سمجهي ڏسن، ذهن ۾ نه ويهارين: فضيلا قاضي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا فضيلا قاضي چيو آهي ته عورتون غير محفوظ تڏهن هونديون آهن جڏهن اهي فارغ هجن جيڪڏهن اوهان پاڻ کي محفوظ رکو ته ڪنهن به قسم جي ان سڪيورٽي دماغ ۾ پيدا نه ٿيندي.
فضيلا قاضي تازو ئي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان هن کان سوال ڪيو ته اوهان جي اندر ايترو صبر ڪيئن آهي؟ اسان جي معاشري ۾ عورتون گهڻو ڪري غدم تحفظ جو شڪار ٿي وڃن ٿيون، اهڙين عورتن لاءِ اوهان جو ڪهڙو مشورو آهي ته کين عدم تحفظ جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
سوال جي جواب ۾ فضيلا قاضي چيو ته مرد هجي يا عورت ٻنهي کي گھرجي ته سوچ رکن ته هنن پنهنجي زندگي ۾ ساٿي جي طور تي ڪنهن شخص کي شامل ڪيو آهي، اوهان ان شخص جي سٺائي ۽ خرابي ڏسي ان سان شادي جو فيصلو ڪيو آهي پر جيڪڏهن ان جي باوجود اوهان ان شخص کان ئي عدم تحفظ جو شڪار آهيو ته اوهان جي گھر جو ماحول خراب ٿيندو.
اداڪارا اڄ جي ماحول بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اڄ ڪا عورت ٻارن کي موبائيل ڏئي پاڻ ٽي وي جي اڳيان ويٺي آهي ته اهڙي عورت جي ذهن ۾ سازشون ئي تيار ٿينديون، اهڙيون عورتون جيڪڏهن ڊرامن ۾ ڪو واقعو ڏسي وٺنديون آهن ته سندن ذهن ۾ به ڊراما بڻجڻ شروع ٿي ويندا آهن تنهنڪري اسان کي گھرجي ته ڊرامن کي ڊرامو سمجهي ڏسون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.