دنگ ڪري ڇڏيندڙ صلاحيتون رکندڙ نئون روبوٽ تيار

اوپن اي آءِ کي چيٽ جي پي ٽي جهڙي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي سان چيٽ بوٽ جي تياري لاءِ سڃاتو ويندو آهي، پر ان جي نئين ايجاد به دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي.

ان ڪمپني اهڙو انسان جهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو حيران ڪري ڇڏيندڙ آهي ۽ ايلون مسڪ جي ڪمپني ٽيسلا پاران تيار ڪيل آپٽيمس روبوٽ کان وڌيڪ بهتر نظر اچي ٿو.

اوپن اي آءِ ان روبوٽ کي فنگر نالي ڪمپني سان گڏجي تيار ڪيو آهي.

روبوٽ جو نالو فگر 1 رکيو ويو آهي ۽ ان جي هڪ وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ان کي ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو آهي.

اهو روبوٽ نئين ويزول لينگوئج ماڊل تي ڪم ڪري ٿو ۽ ان نئين سسٽم ان کي ڪنهن سائنس فڪشن فلمي روبوٽ جهڙو حقيقي بڻائي ڇڏيو آهي.

ڪمپني موجب فنگر 1 کي اوپن اي آءِ جي اسپيچ ٽو اسپيچ ملٽي ماڊل سان تربيت ڏني وئي آهي ته جيئن اهو تصويرن ۽ لکت کي سمجهي سگھي ۽ ان موجب ڳالهائي سگھي.

ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان موجب اهو روبوٽ منطقي دليل ڏيڻ، شين کي ياد رکڻ ۽ پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿو.

بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روبوٽ ۾ لڳل ڪيمرا ان جي لارج ويزول لينگوئج ماڊل کي ڊيٽا فراهم ڪن ٿا جڏهن ته انهيءِ ماڊل سان ربوٽ کي رويا سکڻ ۾ به مدد ملي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.