پرڏيهي قرض، چين پاڪستان سان سهڪار جاري رکندو: بلوم برگ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي معاشي رسالي بلوم برگ جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پرڏيهي قرضن جي پريشاني تي ضابطو آڻڻ لاءِ چين پاڪستان سان مالي سهڪار جاري رکندو.
بلوم برگ جي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ چيني قونصل جنرل جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته بيجنگ قرضن جي ادائيگي لاءِ پاڪستان تي ڪڏهن به دٻاءُ ناهي وڌو ۽ چين تازو ئي 2 ارب ڊالرز جو قرض به رول اوور ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي قرضن جي پريشاني تي ضابطو آڻڻ لاءِ چين پاڪستان سان مالي سهڪار جاري رکندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ بلوم برگ محمد اورنگزيب جي ناڻي واري وزير طور مقرري کي هاڪاري قدم قرار ڏنو هو.
بلوم برگ جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام کان اڳ محمد اورنگزيب جي مقرري هاڪاري قدم اهي، سيڙپڪارن جي دلچسپي پاڪستان جي نئين ناڻي واري وزير جي مقرريءَ ۾ هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.