اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ وفاقي حڪومت طرفان ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ مهانگائي گهٽائڻ، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي تي ٻڌل پنج سالا معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو ويو .
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جتي پنج سالا معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو ويو، مهانگائي گهٽائڻ، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو آهي.
معيشت جي مختلف شعبن جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ان منصوبي تي عملدرآمد لاءِ مشاورت ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته بنا وقت وڃائڻ جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ عملدرآمد جو شيڊيول تيار ڪري پيش ڪيو وڃي.
هن چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالوجي، پرڏيهي سيڙپڪاري، ننڍين ۽ وڏين صنعتن جي ترقي جي انگ ۾ واڌ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.
وزيراعظم چيو ته حڪومت خرچ گهٽايا ويندا، غرب عوام جو پئسو وڌيڪ وڃائڻ نه ڏيندس، ايندڙ پنج ورهين دوران ملڪي معيشت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي رستي تي آڻڻو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان في ايڪڙ پيدوار وڌائينداسين جڏهن ته نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ادارن جي ترجيحي نيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي.
وفاقي حڪومت پاران مهانگائي گهٽائڻ، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي تي ٻڌل روڊ ميپ پيش
You might also like