چيف اليڪشن ڪمشنر کي سفر بڻائڻ جون خبرون، اليڪشن ڪميشن جو بيان اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر کي سفير بڻائڻ جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، چيف اليڪشن ڪمشنر کي سفيربڻائڻ واريون خبرون بي بنياد آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي نه حڪومت اهڙي آڇ ڪئي آهي نه چيف اليڪشن ڪمشنر جو اهڙو ارادو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ملڪ ۾ ئي رهندو.
ترجمان موجب، چيف اليڪشن ڪمشنر ڪا به پرڏيهي اسائنمينٽ ناهي گهري، اليڪشن ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته اهڙي قسم جا افواهه پکيڙن کان پاسو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.