اڌ مٿي ۾ سور ڇو پوندو آهي؟

ننڊ جي کوٽ کي شگر، دل جي مرضن ۽ ٻين مرضن سان سلهاڙيو ويندو.
پر هاڻي انڪشاف ٿيو آهي ته ننڊ جي کوٽ جو شڪار ماڻهو اڌ مٿي جي سور يا مائيگرين کي وڌيڪ منهن ڏيندا آهن.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
ايريزونا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مائيگرين جي تڪليف ۽ ننڊ جي کوٽ وچ ۾ واسطو آهي جڏهن ته ننڊ کي بهتر ڪرڻ سان اڌ مٿي جي سور کان بچڻ ۾ به مدد ملندي آهي.
تحقيق ۾ ڪوئن تي تجربا ڪيا ويا هئا، ڪوئن جي ننڊ جو اسٽرڪچر ڪافي حد تائين انسان جهڙو هوندو آهي.
تحقيق خبر پئي ته ننڊ جي کوٽ جو شڪار ڪوهن لاءِ مائيگرين جو خطرو وڌي ويو.
محققن ٻڌايو ته اڄ ڪلهه نوجوان فون تي وقت گذارڻ جي ڪري ننڊ جي کوٽ جو شڪار آهن ۽ اسان جي تحقيق مان اشارو ملي ٿو ته اها عادت مائگرين جو شڪار بڻائي سگھي ٿي.
هنن وڌيڪ چيو ته ڪافي عرصي کان خيال ڪيو پئي ويو ته ننڊ جي کوٽ ۽ مائيگرين وچ ۾ واسطو آهي پر هاڻي ان کي ثابت ڪيو ويو آهي.
سندن چوڻ هو ته ماڻهن کي سمهڻ جي وقت کان اڳ سمارٽ فونز يا ٻين ڊوائيسز جو استعمال محدود ڪرڻ گھرجي.
محققن موجب صبح جي وقت مائيگرين جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي، خاص طور تي عورتن ۾ اهو مسئلو گھڻو عام آهي.
هنن چيو ته دٻاءَ ۽ مائيگرين وچ ۾ به واسطو موجود آهي ۽ گھريلو ذميوارين جي ڪري عورتن کي پنهنجو خيال رکڻ جو وقت نه ملندو آهي، ڇو جو کين ٻارن کي اسڪول موڪلڻو پوندو آهي ۽ گھڻين عورتن کي پاڻ به تيار ٿي آفيس وڃڻو پوندو آحي.
هنن وڌيڪ چيو ته اهو ئي سبب آهي ته ننڊ جي وقت ۽ معيار کي بهتر بڻائڻ سان مائيگرين جي دورن کان بچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل برين ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.