نيب جي ٽن ريفرنسز ۾ حسن ۽ حسين نواز جا دائمي وارنٽ رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا دائمي وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي احتساب عدالت فليگ شپ، العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ غيرحاضري تي حسن ۽ حسين نواز جادائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.
گذريل هفتي احتساب عدالت ۾ ٽن ريفرنسز ۾ حسن ۽ حسين نواز جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جون درخواستون داخل ڪيون ويون هيون.
اسلام آباد جي احتساب عدالت درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي حسن ۽ حسين نواز جا دائمي وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.
ان موقعي تي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻول دوران حسين نواز چيو ته هن جو هن جي ڀاءُ جو ڪنهن به حڪومت سان واسطو ناهي.
هن چيو ته ڪڏهن ناهي چيو ته پاڪستاني شهري نه آهيون، مان پاڪستاني شهري آهيان پر جيڪو اسان سان ٿيواِهو سڀني جي سامهون آهي.
حسين نواز چيو ته آڪٽوبر 1999ع کان سياسي انتقام وٺڻ شروع ڪيو ويو ۽ بنا ڪنهن ڪيس جي جلاوطن ڪيو ويو، هر شخص کي شفاف ٽرائل جو حق ملڻ گهرجي، مڃان ٿو ته عدالتي سڌرا ٿيڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.