سنڌ جو احتجاج ڪامياب،وزيراعظم ارسا چيئرمين جي مقرري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جو احتجاج ڪامياب، ڪالاباغ ڊيم جي حامي اڳوڻي واپڊا چيئرمين ظفر محمود جي ارسا چيئرمين طور مقرري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
سنڌ سرڪار جي سخت احتجاج کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ظفر محمود کي ارسا چيئرمين مقرر ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ارسا جي نئين چيئرمين جي مقرريءَ جو عمل به روڪيو ويو آهي.
وزيراعظم آفيس ارسا چيئرمين جي مقرري واري سمري واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم گذريل ڏينهن 22 هين گريڊ جي رٽائرڊ آفيسر ظفر محمود کي ارسا چيئرمين مقرر ڪيو هو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس مقرريءَ تي سخت خدشا ظاهر ڪيا هئا.
ان کان اڳ صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو هو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ رابطو ٿيو آهي، وزيراعظم ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ظفر محمود جي ارسا چيئرمين طور مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويندو.
سندس چوڻ هو ته وڏي وزير موقف اختيار ڪيو ته سي سي آءِ ۾ طئي ٿي چڪو آهي ته چيئرمين جي مقرري روٽيشن جي بنياد تي صوبن جي ميمبرن مان ٿيندي.
صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير ۽ آبپاشي کاتي جو موقف مڃي ورتو آهي.
واضح رهي ته سنڌ سرڪار انڊس ريور سسٽم اٿارٽي ( ارسا ) جي چيئرمين جي مقرري رد ڪندي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته نه رڳو مقرري پر جنهن شخص کي مقرر ڪيو ويو آهي ته ان تي به اعتراض آهي، ارسا جو مقصد ئي اِهو هو ته ان ۾ وفاقي اثر انداز نه ٿئي، نگران حڪومت آرڊيننس ۾ ترميم ڪئي ته وفاق جو هڪ نمائندو ارسا جو ميمبر هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.