گوادر ۽ چاهه بهار کي ڳنڍي سسٽر پورٽس ٺاهيون وڃن: ايران

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري چيو آهي ته چاهيون ٿا ته گوادر ۽ چاهه بهار کي ڳنڍي سسٽر پورٽس بڻايون وڃن.
اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس ۾ ايراني سفير رضا اميري جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب کي خطاب ڪندي ايراني سفير چيو ته پاڪ ايران گيس پائيپ لائين جو مقصد اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ اضافو آهي، وڌيڪ بارڊر ڪراسنگ پوائنٽس کولي علائقائي سهڪار ۽ واپار وڌائڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته چاهيون ٿا ته گوادر ۽ چاهه بهار کي ڳنڍي سسٽر پورٽس بڻايون وڃن، ڪوشش هوندي ته سي پيڪ ۽ ريل لنڪ منصوبي ۾ ايران به حصيدار بڻجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.