راشد خان فٽ، آئرلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ افغان ٽيم جي قيادت ڪندو

ڪابل( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ آئرلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ليگ اسپنر راشد خان جي انجري مان صتحيابي کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
ليگ اسپنر راشد خان آئرلينڊ خلاف پندرنهن رڪني افغان اسڪواڊ جو حصو آهي، آئرلينڊ خلاف سيريز ۾ راشد خان ٽيم جي قيادت ڪندو.
راشد خان چيلهه جي تڪليف جو شڪار هو ۽ ري هيب مڪمل ڪري رهيو هو، فٽ ٿيڻ کانپوءِ ليگ اسپنر کي افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.
واضح رهي ته راشد خان فٽنس مسئلن سبب پي ايس ايل جي نائين سيزن ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي نه ڪري سگهيو هو.
افغانستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جو پهرين ميچ سڀاڻي شارجا ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.