اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ جي قائد نواز شريف جي پٽ حسين نواز چيو ته هن ڪڏهن به ناهي چيو ته هو پاڪستاني شهري نه آهي.
حسن نواز ۽ حسين نواز فليگ شپ، العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ عدالت ۾ پيش ٿيا، ان موقعي تي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو دوران حسين نواز چيو ته منهنجو ۽ حسين نواز جو ڪنهن حڪومت سان واسطو ناهي.
هن چيو ته ڪڏهن ناهي چيو ته پاڪستاني شهري نه آهيان، مان پاڪستاني شهري آهيان پر اسان سان جيڪو ٿيو اِهو سڀني جي سامهون آهي.
حسين نواز وڌيڪ چيو ته آڪٽوبر 1999ع کان سياسي انتقام وٺڻ شروع ڪيو ويو ۽ بنا ڪنهن ڪيس جي جلاوطن ڪيو ويو، هر شخص کي شفاف ٽرائل جو حق ملڻ گهرجي، مڃان ٿو ته عدالتي سڌرا ٿيڻ گهرجن.