ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ واڌ، اسٽيٽ بئنڪ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو آهي ته ملڪي ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 13 ڪروڙ 13 لک ڊالر وڌيا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو ته واڌ کانپوءِ ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا اٺ مارچ تائين 13 ارب 15 ڪروڙ ڊالر رهيا.
ان کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 1.72 ڪروڙ ڊالر واڌ سان 7.91 ارب ڊالر، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 11.41 ڪروڙ ڊالر واڌ سان 5.23 ارب ڊالر رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.