سپريم ڪورٽ پاران وفاق ۽ صوبن کان موسمياتي تبديلي بابت کنيل قدمن تي جواب طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وفاق ۽ صوبن ۾ موسمياتي تبديلي بابت کنيل قدمن تي جواب طلب ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اٿارٽي قائم ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو .
لکت ۾جاري ڪيل حڪم نامي موجب، موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان جو پنجون نمبر آهي، موسمياتي تبديلي سبب امڪاني تباهي وارن ملڪن ۾ پاڪستان جو 23 هون نمبر آهي.
حڪم نامي موجب، موسمياتي تبديلي سبب ٻوڏ، زلزلن، طوفاني برساتن جهڙي امڪاني تباهي جا مسئلا ٿي سگهن ٿا، 2022ع ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ٻوڏ جي تباهي سبب پاڪستان کي 14 ڏهائي 9 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو.
سپريم ڪورٽ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کان موسمياتي تبديلين بابت کنيل قدمن ۽ چئلينجز تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
عدالت موسمياتي تبديلين واري معاملي تي ايس ڊي پي آءِ جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ۽ ڊبليو ڊبليو ايف جي سي ايِ او حماد نقي خان کان مدد گهري ورتي آهي.
عدالت اٽارني جنرل، چئني صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌني 21مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.