پي ٽي آءِ جو مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته ريزروو سيٽڻ جي حوالي سان پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ کي گذارش آهي ته لارجر بئنچ جوڙي ڪيس جلد ٻڌو وڃي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان سينيٽ اليڪشن بابت مشاورت ٿي، اڄ يا سڀاڻي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪندس، سازش تحت اسان جي اميدوارن کي ري ڪائونٽنگ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.