جلد اکين جي اشارن سان ٽائيپنگ ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو!

مائڪرو سافٽ پاران اهڙي انوکي ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن جي ذريعي ماڻهو اکين جي ذريعي ٻين ماڻهن سان رابطو ڪري سگھندا يا ڪمپيوٽر تي ٽائيپنگ ڪري سگھندا.
مائڪرو سافٽ پاران ان ٽيڪنالاجي کي آءِ گيز جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جو پيٽنٽ شايع ڪيو ويو آهي.
ان ٽيڪنالاجي سان اکين جي اشارن سان اسڪرين تي ٽائيپنگ ڪري سگھبي ۽ اها ٽيڪنالاجي معذورن لاءِ بهترين ثابت ٿيندي.
رپورٽ موجب ان ٽيڪنالاجي لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽولز ۽ مشين لرننگ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ويندو.
جديد ٽيڪنالاجي سبب ڊوائيس لاءِ ماڻهن جي اکيون چورڻ سان اهو سمجهڻ ممڪن هوندو ته هو ڪهڙو لفظ ٽائيپ ڪرڻ چاهي پيو.
رپورٽ موجب اها ٽيڪنالاجي سمارٽ فونز، ٽيبليٽس ۽ ڪمپيوٽرز تي ڪم ڪري سگھندي ۽ ان کي ٽيڪسٽ ميسيجنگ، اي ميل لکڻ، ويب برائوزنگ، انٽرنيٽ سرچنگ ۽ ٻين اهڙن سمورن مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگھبو جنهن ۾ لکت جو آپشن موجود هوندو.
لکت سان گڏوگڏ ان ڊوائيس سان ٻيا ڪم ڪرڻ به ممڪن هوندو.
مثال جي طور تي اکين سان اوهان ويب برائوزر تي ڪنهن بٽڻ کي ڪلڪ ڪري سگھندا، آڊيو واليوم يا برائٽنس کي ايڊجسٽ ڪري سگھندا.
ڪمپني پاران ان جي آزمائش هولو لينس هيڊ اسٽيس ۾ ڪئي وئي آهي پر جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته ان کي مختلف ڊوائيسز جو حصو بڻائڻ ممڪن آهي.
پر ان کي ڪيستائين عام ماڻهن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو، ان بابت ڪمپني اڃا ڪو به اعلان نه ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.