ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جپان جي 2 عدالتن هڪ ئي جنسي وارن ماڻهن جي پاڻ ۾ شادي تيحڪومتي پابندي کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو.
ٽوڪيو ۽ ساپورو جي ضلعي عدالتن ڌار ڌار ڪيسن ۾ حڪم ڏنو آهي ته هم جنس پرست ماڻهن جي شادي تي لڳايل حڪومتي پابندي غير آئيني آهي.
اهو پهريون ڀيرو نه آهي جو جپان جي عدالتن پاران هم جنسي پرستن جي شادي تي لڳايل پابندي کي غير آئيني قرار ڏنو ويو هجي.
ساپورو جي عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته اها پابندي غير آئيني ضرور آهي پر پاليامينٽ ئي ان جو فيصلو ڪري سگھي ٿي.
عدالتي فيصلن ۾ چيو ويو ته اها پابندي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
جپان جي 7 ملڪن ۾ شامل اڪيلو ملڪ آهي جتي هم جنس پرستن جي شادي غيرقانوني آهي.
جپان جي مختلف حصن ۾ ان حوالي سان نرمي ضروري آهي پر اهڙن ماڻهن کي برابري واري قانوني حيثيت حاصل نه آهي.
You might also like