بُڪين جي مرضن جو شڪار بڻائيندڙ عادتون

بُڪيون اسان جي جسم ۾ واٽر فلٽر جيان ڪم ڪنديون آهن.

واٽر فلٽر انهن شين کي پاڻي مان خارج ڪندو آهي جيڪي اسان جي جسم لاءِ هاڃيڪار هونديون آهن ۽ اسان جون بُڪيون به اهو ئي ڪم ڪنديون آهن.

بُڪيون رت کي فلٽر ڪنديون آهن جنهن دوران زهريلو مواد ۽ واڌ پاڻياٺ کي جسم مان خارج ڪنديون آهن جڏهن ته پوٽاشيم، سوڊيم ۽ ٻين جزن جي سطح کي متوازن رکنديون آهن.

ان سان گڏوگڏ بُڪيون اهڙا هارمونز به بڻائينديون آهن جيڪي بلڊ پريشر کان وٺي هڏن جي مضبوطيءَ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، سولن لفظن ۾ بُڪيون گھڻيون اهم هونديون آهن.

هڪ ڪاٿي موجب سڄي دنيا ۾ هر 10 مان هڪ فرد بُڪين جي پراڻن مرضن کي منهن ڏيندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڻياٺ ۽ ٻيو مواد جسم ۾ گڏ ٿيڻ لڳندو آهي.

ڪجهه عام شيون يا عادتون بُڪين جي مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌائينديون آهن.

اهي ظاهري طور تي گھڻيون عام عادتون يا شيون هونديون آهن پر اهي بُڪين کي تباهه ڪندڙ ٿي سگھن ٿيون.

پراسيس خوراڪ جو استعمال

گھڻين پراسيس غذائن ۾ لوڻ جو مقدار گھڻو هوندو آهي جيڪو نه رڳو دل لاءِ هاڃيڪار هجي ٿو پر ان سان بُڪين جي مسئلن جو خطرو به وڌي ٿو.

جڏهن اسان وڌيڪ لوڻ جو استعمال ڪندا آهيون ته جسم پيشاب ذريعي ان کي خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر لوڻ سان گڏ ڪيلشيم به وڌيڪ مقدار ۾ خارج ٿيندي آهي.

يعني پيشاب ۾ ڪيلشيم جو مقدار وڌي ويندو آهي جنهن سان بُڪين ۾ پٿري جو خطرو وڌندو آهي.

بلڊ پريشر جو خيال نه رکڻ

هاءِ بلڊ پريشر سان جسم جي ٻين حصن سان گڏوگڏ بُڪين کي به نقصان پهچندو آهي.

بُڪين ۾ رت جي شريانين جو انگ وڌيڪ هوندو آهي ۽ بلڊ پريشر وڌڻ سان شريانين کي نقصان پهچندو آهي جنهن سان بُڪين جا فعل متاثر ٿيندا آهن.

سگريٽ ڇڪڻ جو شوق

تماڪ واپرائڻ سان رڳو ڪينسر جو ئي خطرو ناهي وڌندو پر بُڪين جي صحت به متاثر ٿيندي آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته تماڪ واپرائڻ سان بُڪين جي ڪينسر جو خطرو 40 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.

ان سان گڏوگڏ تماڪ واپرائڻ سان رت جي شريانين کي به نقصان پهچندو آهي جنهن سان بلڊ پريشر وڌندو آهي ۽ بلڊ پريشر جا اثر مٿي بيان ڪري چڪا آهيون.

اُڃَ لڳڻ تي پاڻي نه پيئڻ

بُڪين جي فعلن کي درست طريقي سان ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ضرورت هوندي آهي.

مناسب مقدار ۾ پاڻي نه پيئڻ سان بُڪين کي نقصان پهچندو آهي.

مناسب مقدار ۾ پاڻي نه پيئڻ سان بُڪين جي اندر موجود ننڍڙا فلٽرز بيهجي ويندا آهن جنهن سان بُڪين ۾ پٿري ۽ انفيڪشنز جو خطرو وڌندو آهي.

طبي ماهرن موجب روز 4 کان 6 گلاس پاڻي پيئڻ به بُڪين جي صحت کي درست رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي، جڏهن ته جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سان جسم کي بلڊ پريشر معمول تي رکڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي، جنهن سان بُڪين کي رت جو وهڪرو متاثر ٿيندو آهي.

سور ختم ڪندڙ دوائن جو گھڻو استعمال

جسماني تڪليف جي روڪٿام لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن جي گھڻي استعمال سان بُڪين کي نقصان ٿيندو آهي.

انهن دوائن جي استعمال سان بُڪين لاءِ رت جو وهڪرو گھٽجي ويندو آهي جنهن سان بُڪين کي نقصان پهچندو آهي.

تنهنڪري سور ختم ڪندڙ دوائن جو استعمال ڊاڪٽر جي مشوري سان ڪرڻ گھرجي.

سپليمينٽس کي محفوظ تصور ڪرڻ

طبي ماهرن موجب مختلف هربل نقصانڪار هونديون آهن ۽ انهن سان بُڪيون متاثر ٿينديون آهن.

اهو ئي سبب آهي جو سپليمينٽس جو استعمال هميشه ڊاڪٽر جي مشوري سان ڪرڻ گھرجي ۽ ڪنهن نئين سپليمينٽ کي استعمال ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.

جسماني وزن جو خيال نه رکڻ

واڌو جسماني وزن جسم تي دٻاءُ وڌائيندو آهي جڏهن ته ٿولهه سان شگر ٽائيپ ٽو مان متاثر ٿيڻ جو خطرو به وڌندو آهي.

شگر جو شڪار ماڻهو انسولين جي مسئلن کي منهن ڏيندا آهن جنهن سان سوڄ وڌندي آهي ۽ بُڪين تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

مٺا شربت

سوڊا يا سافٽ ڊرنڪس جو استعمال به بُڪين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته سوڊا ۽ مٺن شربتن جو گھڻو استعمال بُڪين جي مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌائي سگھي ٿو.

الڪوحل

الڪوحل جسم جي ٻين عضون جيان بُڪين لاءِ به نقصانڪار آهي.

ان جي ڪري بُڪين جي مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن جي تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.