شاهين جي ڪپتاني وڃڻ واري؟ نئون ڪپتان ڪير هوندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اسٽار فاسٽ بالر شاهين آفريدي هلندڙ سال جون ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کان اڳ قومي ٽيم جي ڪپتاني کان محروم ٿي سگهي ٿو.
هڪ مقامي اخبار جي رپورٽ موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي چيئرمين محسن نقوي کي پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ لاهور قلندرز جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ شاهين کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني تان هٽائڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته شاهين آفريدي ڪپتاني جو بار نٿو کڻي سگهي ۽ کيس وڌيڪ تجربي جي ضرورت آهي.
بورڊ جي ڪجهه ميمبرن جو اِهو خيال آهي ته عالمي ڪپ ويجهو آهي انڪري شاهين کي ڪپتاني تان هٽائڻ دانشمنداڻو فيصلو نه هوندو، ڇو ته ان سان ٽيم جي ڪارڪردگي تي ناڪاري اثر پوندا، پر ان حوالي سان حتمي فيصلو پي سي بي چيئرمين ئي ڪندو.
شاهين جي جاءِ ڪير والاريندو؟
جيڪڏهن شاهين آفريدي کي ڪپتاني تان هٽايو ويو ته ان ڳالهه جو چٽو امڪان آهي ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم کي به ڪپتاني واپس ملي سگهي ٿي.
پي ايس ايل جي فرنچائز پشاور زلمي بابر اعظم جي قيادت ۾ هن وقت پوائنٽس ٽيبل تي ٻئي نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ملتان سلطانز سرفهرست آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.