قومي اسيمبلي: ذوالفقار علي ڀٽو جي موت واري سزا کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي موت واري سزا کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو .
منظور ڪيل ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته صدر آصف علي زرداري ريفرنس فائل ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري پيروي ڪئي، قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ جي راءِ ڏيڻ تي ان کي مبارڪباد ڏئي ٿي.
ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته موت جي سزا وارو غير منصفاڻو فيصلو تبديل ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري طور شهيد قرار ڏئي کيس اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان ڏنو وڃي.
ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته جهموريت لاءِ جان قربان ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ نشان ذوالفقار علي ڀٽو ايوارڊ قائم ڪيو وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي، پنجاب، بلوچستان ۽ سينيٽ مان به ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري شهيد ۽ قومي هيرو قرار ڏيڻ جا ٺهراءَ اڪثريت راءِ سان منظور ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.