پاڪستان ۾ سريلنڪا وارو ڪم ٿيڻ وارو آهي:عمران خان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ سريلنڪا وارو ڪم ٿيڻ وارو آهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻول ڪندي پي ٽي آءِ باني چيو ته مينڊيٽ کسي قوم جي اميد ختم ڪئي وئي، منهنجو سڀ اڳڪٿيون سچ ثابت ٿيون، هاڻي چئي رهيو آهيان ته پاڪستان ۾ سريلنڪا وارو ڪم ٿيڻ وارو آهي، هاڻي مهانگائي وڌندي ۽ عوام روڊن تي هوندو.
عمران خان چيو ته ڪا به ڊيل ناهي ٿي رهي، وڪيلن سان ئي ملاقات بند ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته پرامن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو، اسان چونڊ نتيجن خلاف سپريم ڪورٽ به وينداسين.
پي ٽي آءِ باني چيو ته سينيٽ چونڊ ۾ وري پئسو هلندو، گذريل سينيٽ چونڊن ۾ گيلاني جو پٽ پڪڙيو ويو، کيس اڄ تائين سزا ناهي ملي.
سندس چوڻ هو ته سڀ ڪجهه ڪوڙ تي هلي رهيو آهي، چونڊون ڪوڙيون هيون، سيڪيورٽي ٿريٽ جو چيو پيو وڃي، اِهو به ڪوڙ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.