يورپي يونين سان رابطن جا الزام، پي ٽي آءِ جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ يورپي يونين کي نه ڪو خط لکيو آهي ۽ نه ئي خط لکڻ جو ارادو آهي.
پي ٽي آءِ ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڌ سماءَ واري وزير جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ ۽ الزام بازي کانسواءِ ڪجهه ناهي، زبردستي ملڪ تي قابض ٿيندڙ ٻين کي حب الوطني جو درس ڏئي رهيا آهن.
ترجمان چيو ته تحريڪ انصاف پاڪستان جي مقبول ترين جماعت آهي جيڪا سڀني اڪائن جي نمائندگي ڪري ٿي، يورپي يونين کي ڪو خط ناهي لکيو ۽ نه ئي خط لکڻ جو ارادو آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ عمران خان جون آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪاميابي لاءِ ڪاوشن سڀني جي سامهون آهي، اسحاق ڊار جي نااهلي آءِ ايم ايف پروگرام دير جو سبب بڻي ۽ پي ٽي آءِ باني جي منظوري کانپوءِ آءِ ايم ايف طرفان ٻي قسط جاري ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.